دنب سادات

دنب سادات: هيءُ ماڳ ڪوئيٽا شهر کان 13 ميلن جي مفاصلي تي ڪوئيٽا مستونگ روڊ تي بلوچستان صوبي ۾ واقع آهي. مقامي طور هيءُ ماڳ ميان گائو نبي دنب جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. دڙو بيضوي نموني جو ۽ هم چورس 70x70 وال ۽ اوچائيءَ ۾ 14 وال ٿيندو. دڙي جو کوٽائيءَ مان ڪيتريون ئي ثقافتي شيون مليون آهن، جن ۾ ٺڪر جا نمونا، پڪل مٽيءَ جون مورتيون، مڻڪا، پٿر جون ڇُريون وغيره شامل آهن. هيءُ ماڳ 3000 ق. م تائين واري دؤر جو ليکيو وڃي ٿو.
هن ماڳ کي پهرين پڳٽ (Piggott) ’ميان غونڊائي‘ جو ماڳ ڄاڻايو هو. پوءِ فيئر سروس ان جي کوٽائي ڪري، ٽي دور واضح ڪيا. پهريون دور ’ڪيچي بيگ ٺڪراٺي وارو‘ دور، ٻيو دور ’ڪوئيٽا ٺڪراٺي وارو‘ ۽ ’ٽيون دور سادات ٺڪراٺي وارو‘. فيئر سروس جي چوڻ موجب هيءُ ماڳ 2500 ق. م کان 3500 ق. م تائين جو آهي. هي ماڳ سنڌو تهذيب جي اوائلي ماڳن (Pre-Harappan) جو سهيوڳي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو